اسلام آباد – 02 اپريل (ا?? پي پي) خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿ??ڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صد?? عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مث??ت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو