اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اربين روپين جا تعيمراتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن، ??ن سان ملڪ ۾ روزگار جا ??وق??ا ميسر ايندا ۽ عام ماڻهو پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهندو، پاڪستان تعميرات جي شعبي کي ان وقت کنيو جڏهن سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي ڪري اقتصادي صورتحال ابتڙ هئي، وڏن شهرن جي لاءِ نوان ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن، ??ن سان شهري سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، تعميراتي شعبي جي لاءِ فڪس ٽيڪس رجيم ?? هڪ سال جي توسيع ڪئي وئي آهي. هتي ملڪ ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ وڌيڪ مراعتن جو اعلان ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ 163 ارب روپين جا تعميراتي شعبا شروع ٿي چڪا آهن، ??عميراتي شعبي جي فروغ سان پنجاب ۾ 15 سئو ارب روپين جون اقتصادي سرگرميون شروع ٿينديون، ??نهن منصوبن ??ان روزگار جا اڍائي لک ??وق??ا پيدا ٿيندا. پنجاب ، خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعميراتي شعبو حڪومتي مراعتن مان فائدو وٺي رهيو آهي، گهٽ آمدني وارن طبقن کي انهن منصوبن ??ان رهائشي سهولتون ميسر اينديون، ??عميراتي شعبي جي فروغ ۽ گهرن جي لاءِ فنانسنگ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي بئنڪون گهرن جي تعمير ۽ تعميراتي منصوبن لاءِ فنانسنگ ڪري رهيون آهن.