اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وچ ايشائي ملڪن سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي را??طن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اقتصادي واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ علائقائي را??طن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ بحر هند تائين پهچ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪ پاڪستاني بندرگاهن جي وڏن ??وقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير ميخوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪ??ي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي را??طن ۽ خطي ۾ امن ۽ سل??مت?? سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.