اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور ۽ غربت جي شڪار ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميداري ۽ اولين ترجيح آهي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سبسڊي جي نظام کي موثر، شفاف ۽ هدفن موجب بڻاي?? وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻاي?? وڃي ته سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل رقم جو بهترين استعمال ٿئي. هو هتي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ضروري شين جي مد ۾ حڪومتي سبسڊي جي فراهمي جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري، نادرا چيئرمين ?? ٻيا سينئر آفيسر ش??يڪ هئا.