لاهور – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??صوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ دنيا سوشل ميڊيا جي اهميت کي پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏ??و آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سوشل ميڊيا کي هڪ موثر ميڊيم جي طور تي استعمال ڪرڻ جي غرض سان جامع پاليسي جوڙين. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي بهتر ??ڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان من??قد اجلاس جي صدارت ڪري رهي هئي، اجلاس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پيمرا، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ۽ ڊي جي پي آر جي آفيسرن شرڪت ڪئي.