اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پ??لي?? اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن جو اعلان ڪندي عالمي معيار موجب هڪ نئون ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. گ??رو وزير نيشنل پ??لي?? اڪيڊمي جو تفصيلي دؤرو ڪيو. هن اڪيڊمي، هاسٽل ۽ ميس جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ تربيت هيٺ آفيسرن لاءِ فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. ان دوران تربيت هيٺ آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن سهولتن جي حوالي سان پُڇا ڪئ??. گ??رو وزير ان حوالي سان هڪ عالمي معيار جي ڪنسلٽنٽ جي خدمت حاصل ڪرڻ تي ??ه زور ڀريو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته نيشنل پ??لي?? فائونڊيشن طرفان 25 ڪروڙ رپيا جلد اڪيڊمي جي حوالي ڪيا ويندا ته جيئن مالي طور تي خودمختار ادارو بڻائي سگهجي. هن اها به هدايت ڪئي ته نيشنل پ??لي?? اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جو ڪم 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. دؤري دوران محسن نقوي اڪيڊمي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اي ايس پيز جي ڪورسز کي جديد دؤر جي گهرجن مطابق بڻايو ويندو ۽ دهشتگردي، اينٽي روئٽس ۽ سائبر ڪرائيم سميت اهم شعبن ۾ تربيتي ڪورسز کي جاري ڪيو ويندو. گهرو وزير نيشنل پ??لي?? اڪيڊمي ۾ ماڊل ٿاڻو ۽ تربيتي ليبارٽريون قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جيئن آفيسرن کي عملي تربيت فراهم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ نيشنل پ??لي?? اڪيڊمي جي سربراهه ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اداري کي جدي?? رُخن تي آڻڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. وفاقي وزير چيو ته نيشنل پ??لي?? اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار جو ادارو بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن ٻين ملڪن جا آفيس?? به هتي تربيت لاءِ اچي سگهن.