پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته قائداعظم جي جنم ڏڻ تي قوم کي واڌايون، سندس قيادت، بصيرت ۽ اصول پسندي عيوض ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزادي ملي. قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته قائد جي قيادت ۾ آزاد ملڪ پاڪستان جي قيام جو خواب حقيقت ۾ بدليو، سندس شخصيت اعليٰ اخلاقي ??در??، قانون جي پاسداري ۽ جمهوري اصولن جي علمبردار هئي. هن چيو ته قائداعظم جا اصول (اتحاد، ايمان ۽ تنظيم) اسان جي قومي ترقي ۽ استحڪام لاءِ مش??ل راهه آهي، قائد جي بي لو?? قربانين ۽ اڻٿڪ محنت جي ن??يجي ۾ اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. گورنر چيو ته الحمدلله قائداعظم جو پاڪستان اڄ واحد اسلامي ايٽمي طاقت بڻجي چڪو آهي، اسان قائداعظم جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ پنهنجي سمورين صلاحيتن کي ڪتب آڻ??ند??سين. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ. آمين