اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيني مجسمي ساز ماسٽر يوآن جي پاڪس??ان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو ايترو ئي مض??وط آهي جيترو اسان جون مض??وط گڏيل سرحدون ۽ گڏيل جبل آهن. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح ۽ مائوزي تنگ جي مجسمن جي نقاب ڪشائي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪس??ان ۾ چين جو سفير جيانگ زي ڊونگ، چين جو عظيم مجسمه ساز ماسٽر يوآن سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل سالن دوران پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوطي ثقافتي رشتي کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، اسان جون نه رڳو سرحدون گڏيل آهن پر اسان جا جبل به شريڪ آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪس??ان جي وچ ۾ جبلن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ثقافتي روايتون لڪل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني مجسمي ساز ماسٽر يوآن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ماسٽر يوآن جي عظيم ڪارنامن ۽ بيجنگ ۾ سندس شاندار عجائب گهر جي ڪاميابي سان سندس مهارت جو اندازو ٿئي ٿو، هن چيني ثقافت ک?? فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته ماسٽر يوآن قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي هتي آيو، اڄ چيئرمين مائوزي تنگ جي پڻ سالگرهه آهي، اسان ماسٽر يوآن کي سندس ٻئي گهر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ سندس ٿورائتا آهيون ته هن چين ۽ پاڪس??ان جي دوستي کي مض??وط ڪرڻ جي لاءِ مجسما تيار ڪيا. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته توهان جي ڏهاڪ?? کان جاري ڪم جي ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مض??وط ٿيندي.