ڪراچي-26 ڊس??بر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ??ٽو زرداري شهيد بينظير ??ٽو جي 17هين شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي سندس بي مثال قربانين، پختي قيادت ۽ پاڪستان لاءِ پائيدار ميراث کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شهيد ??حت??مه بينظير ??ٽو جي زندگي جرئت، سگهه ۽ لکين پاڪستانين لاءِ اميد جو ڪرڻو هئي، جيڪا قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ??ٽو جي ويزن سان گهرائي سان جڙيل هئي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان ??وج?? پ پ چيئرمين چيو ته شهيد ??حت??مه صرف هڪ سياسي شخصيت نه پر مظلوم ۽ پُٺتي پيل طبقن لاءِ اميد جو ڪِرڻو هئي. مساوات ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ پنهنجي والد جي ويزن سان سندس پختي وابستگي اسان سڀني لاءِ هڪ تحريڪ آهي. شهيد ذوالفقار علي ??ٽو وانگر هوءَ عوام جي طاقت تي يقين رکندي هئي ۽ پورهيتن، آبادگارن ۽ پُٺتي پيل طبقن کي قومي ترقيءَ جي بنياد سمجهندي هئي. سندس مناسب تجويز، صلاح مشوري ۽ مختلف نقطهءِ نظر کي سمجهڻ جو فلسفياڻي سوچ هڪ جديد ۽ روشن پاڪستان جو بنياد رکيو. بلاول ??ٽو زرداري، شهيد ??حت??مه جي ميراث کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته شهيد ??حت??مه هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي هر شهريءَ کي برابريءَ جا موقعا ۽ وسيلا حاصل ٿين، چاهي سندن پس منظر ڪجهه به هجي. اسان سندس انساني آزادي ۽ جمهوري قدرن جي فلسفي تي عمل ڪري رهيا آهيون ۽ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ پاڪستان جي استحڪام کي خطري ۾ وِجهندڙ ڪنهن به قوت خلاف جدوجهد جاري رکنداسين. چيئرمين عالمي مسئلن خاص طور تي فلسطين ۽ ڪشمير جي حل طلب معاملن تي به پنهنجي وابستگيءَ جو ورجاءُ ڪيو ۽ـ چيو ته شهيد ??حت??مه اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي ۽ سندس مدبرانه قيادت عالمي چئلنيجن کي مُنهن ڏيڻ ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ ۾ هڪ رهنما اصول طور تي ڪم ڪندي هئي. اسان انهن اهم اِشوز تي پنهنجي مؤقف تي ثابت قدم آهيون. بلاول ??ٽو چيو ته شهيد ??حت??مه جي زندگي استقامت ۽ پنهنجي ذات کي وِساري هڪ عظيم مقصد لاءِ لڳن جو سبق ڏئي ٿي. شهيد ??حت??مه کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس خواب کي حقيقت بڻايو وڃي، جيڪو جمهوري، ترقي پسند ۽ جامع پاڪستان آهي، جتي هر فرد جي عزت ۽ احترام کي يقيني بڻايو وڃي. پ پ چيئرمين پارٽي ڪارڪنن ۽ قوم کي اپيل ڪئي ته هو شهيد ??حت??مه جي جمهوريت، رواداري ۽ سماجي انصاف جي اصولن سان پنهنجي وابستگي سان عهد ڪن. هن چيو ته بينظير ??ٽو جي زندگي ۽ قرباني هڪ منصفاڻي ۽ برابريءَ واري معاشري لاءِ سندس جدوجهد جو لازوال ثبوت آهي. هاڻ اها اسان جي ذميداري آهي ته سندس خواب کي حقيقت ۾ بدلايون، جنهن ۾ پاڪستان سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال کان پاڪ هجي. اهو ڏ??نه?? پري ناهي جڏهن ??حت??مه جي انصاف تي ٻَڌل پاڪستان جو ويزن حقيقت بڻجندو.