اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙ??ڪا??ي بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ ??يڙ??ڪا??ي ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ ??ي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙ??ڪا??يءَ جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ جي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙ??ڪا??ن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي سيڙ??ڪا??ن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳ??ئيندڙن کي عملي طور سازگار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌندو پر سالياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي يقيني بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ترڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيند?? کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.