اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 13هون دور ڪالهه سومر ڏينهن اوسلو ۾ ٿيو، ڳالهه ٻولهه ۾ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ناروي جي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل سگني بروڊسيٽ پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب ڌرين ٻطرفي سياسي ۽ اقتصاد?? لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ قا??ل تجديد توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ماهيگيري ۽ سامونڊي شعبي، آبهوا، تعليم، صحت ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۾ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. بيان م??جب ڌرين پاڪستان نارو?? لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفي تعاون ج?? لاءِ رفتار وڌائ?? ۽ ??ڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان م??جب پاڪستان ناروي ٻطرفي سياسي مشاورت جو اڳيون دور ايندڙ سال اسلام آباد م گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي ٿيندو.