اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته بدترين دشمنن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارن ۽ بيگناهه استادن کي بيگناهه شهيد ڪيو، هي ڏينهن اسان جي عزم جو نشان بڻ??ي چڪو آهي اسان ده??تگ??دي خلاف جنگ جاري رکنداسين. معصوم ٻارن ۽ استادن پنهنجي رت سان پرامن پاڪستان جو بنياد رکيو. گهرو وزير آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وحشي صفت ده??تگ??دن معصوم گلن ??هڙن ٻارن کي بيدردي سان شهيد ڪيو. اي پي ايس جا شهيد اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن جڏهن ته بزدل دشمنن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي. اي پي ايس جي شهيدن قوم کي ده??تگ??دي جي ناسور خلاف هڪ ڪيو. هن چ??و ته شهيد معصوم ٻار ۽ استاد سڄي قوم جا ??يرو آهن ۽ سندن والدين کي سلام پيش ڪيون ٿا. سڄي قوم اڄ اي پي ايس جي شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي.