اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري ??ي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي صدر ج?? استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري ??ملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي صدر ج?? ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري ??هيو آهي. بيلاروس جي صدر ج?? پاڪستان جي دوري ??وران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداش??ن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير ج?? قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري ??خصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي صدر ج?? پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري ??ي عڪ??سي ڪري ٿو.