اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي و??ير احسن اقبال بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ عملدارن کي هدايت ڏني ته اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪ??ل ڪيا وڃن، اهي منصوبا علائقي جي ترقي ۽ رابطي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهن. وفاقي و??ير منصوبن جي وقت سر پورو ٿيڻ تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي جلد کان جلد انهن جا فائدا حاصل ٿين ۽ علائقي جي اقتصادي ترقي ۾ اضافو ٿئي. گذريل ڏينهن وفاقي و??ير احسن اقبال پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) 25 -2024ع جي منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ رٿابندي و??ري و??اررت جي اعليٰ عملدارن سڄي ملڪ ۾ جاري پي ايس ڊي پي منصوبن تي رکيل فنڊن، انهن کي جاري ڪرڻ ۽ هن وقت تائين ڪيل خرچن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي و??ير اجلاس کي خطاب ڪندي رٿابندي و??ري و??ارت جي عملدارن کي هدايت ??ئي ته پي ايس ڊي پي تحت جاري سمورن منصوبن جي وقت سر پورو ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ??ئي وڃي. وفاقي و??ير احسن اقبال بلوچستان ۾ 400 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جي رستن جي منصوبن جو جائزو وٺندي عملدارن کي هدايت ??ئي ته اهي منصوبا ٽن سالن اندر مڪ??ل ڪيا وڃن. هن چيو ته وفاقي حڪومت، بلوچستان جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪ??ل ڪرڻ چاهي ٿي. بلوچستان جي انهن منصوبن ۾ 224 ارب روپين جي ماليت جي اين 25- ڪي خضدار – ڪچلاڪ روڊ کي ٻن لائين وارو ڪرڻ، ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن روڊ جون ٻه لائينون ۽ بحالي ۽ ڪرارو روڊ ۽ ڪچلاڪ – چمن روڊ جي ٻن لائن جي تعمير جي منصوبن، 96 ارب روپين جي ماليت جي حوشاب – آواران- خضدار سيڪشن ٽو جي تعمير، حوشاب – آواران ڪيوزر سيڪشن ون جي تعمير، گوادر – رتوديرو روڊ جي تعمير ۽ وانگو پهاڙي سرنگهه جي تعمير، جڏهن ته 76 ارب روپين جي ماليت جو يارڪ کان ساگوزوب روڊ ۽ 7 روپين جي ماليت جو آواران کان جهل جهاور روڊ جا منصوبا شامل آهن. وفاقي و??ير هدايت ??ئي ته رٿابندي و??ري و??ارت ٻين وزارتن کان ترقياتي بجيٽ تحت وقت سر خرچن کي يقيني بڻائي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ٽه ماهي لاءِ وزارتن جي مالي ضرورتن جي حوالي سان وقت سر آگاهي حاصل ڪري جنهن ۾ پرڏيهي امداد سان جاري منصوبن جي تفصيلن کي اهميت ڏني وڃي ته جيئن فنڊن جي فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه اچي. احسن اقبال چيو ته اهڙا منصوبا جن تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي فنڊ فراهم ڪري مڪ??ل ڪيو وڃي، هن هدايت ??ئي ته پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبا جلد مڪ??ل ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي نون منصوبن کي شا??ل ڪرڻ جي گنجائش پيدا ٿئي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال جو پي ايس ڊي پي فائيو ايز ۽ پنج سالن جي منصوبابندي جي هدفن سان ڳنڍُڻو پوندو. انهن منصوبن کي ترجيحي ڏني وڃي جيڪي ان هدف تي پورو لهندا، وفاقي و??ير چيو ته پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا نه رڳو ملڪي ترقي لاءِ اهم آهن پر عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ به ضروري آهن، تنهن ڪري انهن جي وقت سر تڪميل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي انهن منصوبن مان وقت سر فائدو حاصل ٿئي.