باڪو – 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ??هي ته ماحولياتي تبديلي پاڪست??ن جي لاءِ تمام وڏ?? چئلينج آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري چوماسي جي برساتن، ٻوڏ ۽ گليشيئرز پگهرڻ سان اس??ن جي آبادين تي منفي اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن، فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي، اسرندڙ ملڪن سان ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد جا ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. ڪوپ 29 جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته زهريلي گئسن جي اخراج ۾ پاڪست??ن جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ 0.5 سيڪڙو آهي، ٻين ملڪن جو زهريلي گئسن جي اخراج ۾ حصو وڌيڪ ??هي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ ڪِيتو پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پويلين ۾ عالمي برادري تي زور ڏنو ويو ??هي ته پيرس ايگريمنٽ، ڪوپ 27 ۽ ڪوپ 28 ۾ ڪيل واعدا پورا ڪيا وڃن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ سان پاڪست??ن جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. ماحولياتي تبديلي جي ڪري ايندڙ نسلن جي مستقبل کي خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستان پويلين سڀ کان وڌيڪ متحرڪ پويلين آهي، ماڻهو هتي اچي رهيا آهن، انهن کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي نقصانن بابت آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ملڪ جي فنا??س اسٽريٽجي هجڻ گهرجي، ان سان تمام گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي. ان سان ڊونر ايجنسي يا ترقي يافته ملڪن کي به مدد ملندي ته اهي اڳ ۾ موجود اسٽرڪچر تحت فنڊنگ ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان پنهنجي ماڻهن ۽ ڪلچر جي تحفظ ۽ ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ اهو احساس پيدا ڪري رهيا آهيون ته ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ نقصان اسان پنهنجي ماڻهن تائين پهچڻ نه ڏينداسين. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ايندڙ وقتن ۾ ماحولياتي تبديلي سڀ کان وڏ?? چئلينج ??هي جنهن سان ماڻهن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي. هن چيو ته ان حوالي س??ن جيترو ڪم ڪيو وڃي گهٽ آهي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان پويلين ۾ بلوچست??ن جي ضلعي حب سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره جي اسٽال تي ويو ۽ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻارڙي زنيره پاڪست??ن جو آواز ??هي جنهن هتي موسمياتي تبديلي جي ڇوڪرين جي تعليم تي پوندڙ اثرن تي آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته اسان کي زنيره جهڙين ٻارڙين تي فخر آهي، زنيره يو اين پاليسي پيپر ۾ به حصو وڌو. هن چيو ته بلوچست??ن جي ٻارڙين ۽ تعليم يافته عورتن کي حڪومت جي ڀرپور حمايت حاصل هوندي، بلوچست??ن جون باشعور عورتون پاڪست??ن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ٻارڙي زنيره گلوبل ڪاز جي لاءِ جيترو ڪم ڪيو ??هي ??ن جي جيتري ساراهه ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته اسان کي فخر ??هي ته اسان وٽ اهڙيون ٻارڙيون موجود آهن جيڪي نه رڳو پاڪستان پر پاڪست??ن جي ڪاز تي يقين رکن ٿيون ?? موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته پاڪستاني ٻارڙين جو مستقبل تمام روشن آهي، زنيره جهڙيون ٻارڙيون پاڪست??ن جو پوري دنيا ۾ نالو روشن ڪنديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي پاڪستان پويلين جي مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو.