اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ عالمي فوجداري انصاف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ٿيل ٻن ڏينهن وارو 45 هون ساليانو ??ور?? آف دي پارليمينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن ۽ 13 هون ڪنسلٽيٽو اسيمبلي آف پارليمينٽيرينز آن انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ پي اي جي صدر سيد نويد قمر جي اسلام آباد پلان آف گلوبل ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس پڌرائي سان پڄاڻي تي پهتو. ??ور?? جي شرڪت ڪندڙن بحت ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪي??ن. ??ي اي جي اجلاس ۾ شريڪ ميمبر ملڪن انسانيت خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبر ملڪن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان مستقبل ۾ به عالمي امن ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزباني هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليمينٽري سروسز ۾ منعقد ان ٻن ڏينهن واري ??ور?? ۾ پاليمينٽرينز، ماهرن، سرڪاري عهديدارن ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا شامل هئا جن قانون جي حڪمراني، انساني حقن جي تحفظ ۽ عالمي فوجداري عدالت جي روم جي آئين جي توثيق جهڙن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افتتاحي سيشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پارليامينٽيرنز فار گلوبل ايڪشن جي سيڪريٽري جنرل مونيڪا ايڊم، صدر پاڪستان نيشنل گروپ سينيٽر شيري رحمان ۽ پارليامينٽيرنز فار گلوبل ايڪشن جي صدر سيد نويد قمر خطاب ڪيو. پهرين پينل سيشن ۾ روم جي قانون جي عالمگير ۽ عالمي فوجداري قانون جي فريم ورڪ جي توسيع تي غور ڪيو ويو. منجهند جي سيشن ۾ قانون لاڳو ڪرڻ تي علائقائي تناظر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ سڌارن وارن قانونن کي اختيار ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي سمجهيو ويو. ??ور?? جي ٻئي ڏينهن پينل مباحثي ۾ مختلف اهم موضوع بحث هيٺ آيا، جن ۾ ”عالمي جنسي ۽ صنفي بنيادن تي ڏو??ن خلاف انصاف حاصل ڪرڻ“، ”عالمي ڏو??ن خلاف عدم سزا لاءِ اثرائتي سهڪار“، ”انصاف، انساني حقن ۽ عالمي احتساب ۾ توازن“ ۽ ”عالمي فوجداري انصاف جي مستقبل جا موقعا“ شامل هئا. قومي اسيمبلي پاڪستان جي ايس ڊي جيز بابت پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني زور ڀريو ته پاڪستان عالمي انصاف لاءِ موجوده قانوني فريم ورڪ جي حمايت ڪري ٿو، شرط اهو آهي ته اهو غير جانبدار ۽ منصفاڻو هجي ۽ سياسي مفادن کان آزاد هجي. هن عالمي ڏوهن جي مرتڪب ماڻ??ن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ ايڊهاڪ ٽربيونلز، جي آءِ ٽيز ۽ معلوماتي اشتراڪ جي مڪينزم جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي جنسي ۽ صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي معاملن تي عالمي برادري جي توجهه ڏياري ۽ ان مسئلي کي عالمي ??ور??ز جيئن گڏيل قومون، سلامتي ڪائونسل ۽ پي اي جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته انساني حقن جي پاسداري ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ عالمي برادريءَ جي ذميواري آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته مالي وسيلا به فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ان فريم ورڪ کي فعال بڻائي لاڳو ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ پينل مباحثي ۾ نشاندهي ڪئي ته مختلف ملڪن جا مذهبي ۽ رواجي قانون ڪجهه وقتن ۾ عالمي قانونن مطابق ناهن هوندا جنهن سان عالمي قانوني فريم ورڪ جي قبوليت ۾ ڏُکيائيون پيدا ٿينديون آهن. هن عالمي قانونن جي چونڊ کي لاڳو ڪرڻ ۽ ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر شير علي ارباب عورتن يج تعليم، حقن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڀلائيءَ کي هٿي وٺرائڻ کي اجاگر ڪندي انهن قدمن سان عورتن کي بااختيار بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ معاشرتي سطح تي هاڪاري تبديليون ايندي??ن. ??ور?? جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ پي اي جي سيد نويد قمر ”اسلام آباد پلان آف گلوبل ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس“ پيش ڪيو جنهن کان پوءِ هڪ مباحثو ٿيو جنهن ۾ ??ور?? جي شرڪت ڪندڙن پنهنجون تجويزون پيش ڪي??ن. ??ڄاڻيءَ تي پي اي جي سيڪريٽري جنرل مونيڪا ايڊم، سردار اياز صادق، صدر پي اي جي پاڪستان سيد نويد قمر ۽ چيئرپرسن پاڪستان نيشنل گروپ سينيٽر شيري رحمان جو شڪريو ادا ڪيو. هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن ??ور?? جي شرڪت ڪندڙن لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون ۽ ڪاميابيءَ کي يقيني بڻايو.