اسلام آباد- پهرين آڪ??وبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آ??اهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي ان??ن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بزرگن جو ان?? 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ اهو ان?? 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. واضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آڪ??وبر ??ي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آڪ??وبر ??ي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.