اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??مت??ز زهره بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپي??ر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي بيلاروس جي سرڪاري دوري تي هڪ پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منس?? ۾ ??يلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ايوان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو، بيلاوس جي ڪائونسل جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانووا ۽ زراعت واري وزير انٽولي لينيوچ سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌريون زراعت، ??نعت، ??عليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي جاري رکنديون خاص طور تي ٻطرفي واپار کي وڌايو ويندو. اسپي??ر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي 19 کان 22 آگسٽ تائين بيلاروس جي سرڪاري دوري تي پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي.