اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پي پي) نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان حڪومت ۽ عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن خلاف آهي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب نائب ??زيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي وقتي پرڏيهي وزير علي باقري ڪني کي ڪالهه ٽيليفون ڪئي. ايران جي وقتي پرڏيهي وزير تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل تي ايراني قوم ۽ قيادت جي گهري غم جو اظهار ڪيو. نائب ??زيراعظم اسحاق ڊار پاڪستاني عوام طرفان اسماعيل هانيه جي شهادت تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. نائب ??زيراعظم چيو ته وزيراعظم پاڪستان غزه ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ اسماعيل هانيه شهيد جي بي رحماڻي قتل جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ٻئي پاسي پاڪستان جي قومي اسيمبلي گڏيل طور هن مڪروهه فعل جي مذمت ڪئي آهي. اسماعيل هانيه شهيد جو بي رحماڻو قتل عالمي قانون، سفارتي اصولن ۽ دنيا وچ ۾ قابل قبول ترز عمل جي خلاف آهي. ايراني وقتي پرڏيهي وزير نائب ??زيراعظم سان ان معاملي تي پرڏيهي وزيرن يج سطح تي گهرايل او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي به درخواست ڪئي. نائب ??زيراعظم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس گهرائڻ جي م??مل حمايت ڪئي. نائب ??زيراعظم ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته پاڪستان ان اهم اجلاس ۾ وڌي ڪري حصو وٺندو.