اسلام آ??اد – 30 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور اسلام آ??اد ۾ ٿيو. سريلنڪن وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري اروني وجيورد جڏهن ته پاڪستان پاران پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورتي اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو. ڌرين ٻطرفي ??اڳاپن جي سمو??ن رخن جو جائزو ورتو جڏهن ته ڳا??هه ٻولهه ۾ خاص طور تي واپار، اقتصادي تعاون، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، ثقافت، ميڊيا، راندين، گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ قونصلر معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين ٻطرفي ??اڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مشاورتي اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي پاڙيسري خطن ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائنامڪس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻطرفي ڳا??هه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻ ۽ ڊائيلاگ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ تي ا??فا?? ڪيو ويو. ڌرين زراعت، صحت، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. هن ان ڳا??هه کي پڻ ساراهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي ا??فا?? راءِ آهي.