اسلام آب??د-12 جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 25-2024ع ۾ سيڙپڪار شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ??يس ڊي پي) تحت ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري جي نئين عمارت جي تعمير لاءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي منصوبي لاءِ 50 ملين روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن. پي ??يس ڊي پي موجب ان منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 4423.040 ملين روپيا آهي جڏهن ته 30 جون 2024ع تائين 1006.389 ملين روپين جا فنڊ جاري ٿيڻ جي اميد آهي. ايندڙ مالي سال ۾ منصوبي جي تڪميل لاءِ سر??ار?? شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت 50 ملين روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا آهن.