بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته چين سان پنهنجي دوستي تي فخر آه??، اها دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته اڄ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول ٻطرفي ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ وڌندڙ تعاون جي صورت ۾ سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ جي اسان جي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. سي پيڪ جي مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪو هاڻي پنهنجي ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيو آهي. هن ??يو ته منهنجي حڪومت بابت سٺن تبصرن تي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جو ٿورائتو آهيان، چيني وزيراعظم سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. هن ??يو ته چين سا?? ا??ا دوستي عوام جي دلين ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي ۽ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ انهن جي گڏيل خواهش کي سگهه ڏي ٿي.