بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل توانائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن ??قبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متبادل توانائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پ??ڪس??ان ۾ متبادل توانائي جي حوا??ي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوا??ي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پ??ڪس??ان ۽ پنجاب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تحت پ??ڪس??ان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪيو ويندو.