اسل??م آباد-12 مارچ (اي پي پي)واپار و??ري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون. واپ??ري و??ري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن واپار و??ري وزارت ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪيو. وفاقي وزير جو استقبال وفاقي سيڪريٽري واپار ڪئپٽن (ر) محمد خرم آغا ڪيو. وفاقي سيڪريٽري طرفان افتتاه?? بريفنگ دوران وزارت جي دائره ڪار ۽ مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي واپار و??ري وزير چيو ته وزارت سيڙپڪ??ري ۽ م??ام?? ۽ غير م??ام?? سيڙپڪارن کي مڪمل طور تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. واپار و??ري وزير چيو ته واپار جو ڳاڻيٽو وڌائڻ سان گڏوگڏ کاڻين جي کوٽائي، لائيو اسٽاڪ ۽ـ ٽيڪسٽائل جهڙن اهم شعبن ۾ نواڻ آڻينداسين. هن چيو ته عالمي معيارن سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان کان علاوه روايتي واپ??ري نڪته نظر کي اڳتي وڌائڻ ۽ـ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ڄام ڪمال خان جو تعلق اين اي 257 لسٻيله سان آهي. هو بلوچستان جو وڏو وزير پڻ رهي چڪو آهي.