اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ??ائونسل جون سالياني رپورٽون ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، پارليامينٽ مان اسلامي نظرياتي ??ائونسل جي سفارشن تي عملدرآمد بابت حڪمت ??ملي ملڻ تي عملدرآمد ڪيو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق جي رٿ تي بحث سهيڙيندي نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته آرٽيڪل 230 (4) تحت اسلامي نظرياتي ??ائونسل جون سالياني رپورٽون پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪيون ويون آهن، انهن رپورٽن جا تفصيل اڳ ۾ ئي ايوانن ۾ موجود آهن، حڪومت پاران اها ذميواري پوري ڪئي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت کي پارليامينٽ پاران انهن رپورٽس تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي هدايت??ن ناهن مليون، ان ڳالهه جي خاطري ڪائي وڃي ٿي ته پارليامينٽ پاران جڏهن به ڪا حڪمت ??ملي ملندي، حڪومت ??ولز آف بزنس 1973ع مو??ب ان حڪمت ??ملي تي عملدرآمد ڪرائيندي.