اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ جي والده ??ي لاڏاڻي تي تعزيت ??ي لاءِ ريڊيو پاڪستان ويو ۽ ساڻس والده جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي ريڊيو پاڪستان سعيد احمد شيخ سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته والد?? جو ڪو نعم البدل نه آهي، والد?? جو لاڏاڻو وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، پنهنجي زندگي مان ماءُ کي ڪڍي ڇڏيو ته زندگي ۾ ڪجهه نٿو رهي. توهان آخري ڏينهن ۾ پنهنجي والده جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جيڪا اطمينان جوڳي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ سعيد احمد شيخ سميت سمورن گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.