اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ڪالهه سومر ڏينهن سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قي??ين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا 2008ع جي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت ٿي. معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي حراست ۾ قي??ين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻي هوندي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت پاڪستان ۾ قي?? 231 ڀارتي قي??ين (47 سويلين قي??ي ۽ 184 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ڀارتي حڪومت ڀارتي جيلن ۾ قي?? پاڪستانين جي فهرست پاڪستاني هائي ڪميشن نئين دهلي جي هڪ آفيسر سان شيئر ڪئي. فهرست موجب ڀارت جي جيلن ۾ 418 پاڪستاني (337 شهري قي??ي ۽ 81 مُهاڻا) قي?? آهن. بيان ۾ ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمور?? پاڪستاني قي??ين کي آزاد ڪري ۽ وطن واپس موڪلي جيڪي پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي آهي. بيان ۾ 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين جي گم ٿيل دفاعي اهلڪارن کي قونصلر پهچ ڏيڻ ?? 77 سول قي??ين تائين خصوصي قونصلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.