اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پرڏ??هي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت پاڪستان جي ٻاهرئين دنيا سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي ان جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪم جاري رکندا. نگران پرڏ??هي وزير اهڙن خيالن جو اظهار پرڏ??هي وزارت ۾ بيٽ رپورٽرز سان سال جي پڄاڻي تي ڳالهه ٻولهه ??وران ڪيو. نگران پرڏ??هي وزير عالمي پرڏ??هي پاليسي جي دائري ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ۽ قيادت جي اعليٰ سطحي دورن تي روشني وڌي جيڪي اهم ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ، اخ??ار?? ۽ ٽيليويزن سميت ميڊيا جا نمائندا، اسلام آباد ۾ رهندڙ غيرملڪي نمائندا ۽ پرڏ??هي وزارت جا ع??لد??ر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اڳوڻي پرڏ??هي سيڪريٽري رياض کوکر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي جيڪو گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.