ڊيره اس??اعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اس??اعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اس??تال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم جي ??تح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هجن جيڪي پنهنجي ??لڪ جي حفاظت جي ??اءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي ??عنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي ??دد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ ر??پ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي ??وج دشمنن جي ??اپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.