مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آ??اد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عا??مي تنظيمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار آ??اد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جن??ن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري جو حق عا??مي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آ??اد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آ??اد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.