اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وز??ر جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب دولت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪ??تا?? ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ اهو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار اد?? ڪري رهيو آهي. اجلاس جي ٿيم ”اي?? هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وز??ر جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وز??رن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. بيان موجب پاڪ??تا?? نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت جي لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مشترڪه ۽ پاڪ??تا?? حڪومت 2023ع کي ”نوجوانن جو سال“ طور ملهائي رهيا آهن. وز??راعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمنٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.