اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا بين المذا??ب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين المذا??ب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ موجود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ عبوري وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران و??ير??عظم وفاقي ڪابينا کي جڙانوالا دوري کان آگ??هه ڪيو. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود اقليتن جو تحفظ رياست جي اولين فرضن جو حصو آهي. ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي سزا کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا ايندڙ هفتي قومي سطح تي بين المذا??ب هم آهنگي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ مختلف مذهبن جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن کي گهرايو ويندو. ڪانفرنس پاڪستان ۾ بين المذا??ب هم آهنگي جي فروغ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ ديئت جي رقم جيڪا 30 هزار 630 گرام چانديءَ جي برابر هوندي آهي کي 67 لک 57 هزار 902 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو.