اسلام آباد – 04 آگسٽ(اي پي پي) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پ??ڏي??ي وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ سادگي واري پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر محسن عزيز ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پ??ڏي??ي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر ايوان کي ٻڌايو ته وزارت جي ڪيمپ آفيسن ۽ صوبن ۾ پ??ڏي??ي وزارت جي آفيسن ۾ 40 گاڏيون وڌيڪ ناهن ۽ ان??ن تي خرچن ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ته ??يئن سادگي واري پاليسي تحت بچت کي يقيني بڻائي سگهجي.