سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي، ته ميرٽ جي پاليسي ئي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائيندي، هلندڙ مالي سال دوران هڪ لک شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، عوام جي فلاح و بهبود اسان جي اولين ترجيح آ??ي، ڪا به قوم عورتن کا?? سواءِ اڳتي نٿي وڌي سگ??ي، عوام ٻيهر موقعو ڏنو ته شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏينداسين، آ3 ايم ايف سا?? معاهدي سبب رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آ??ي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرضن کا?? نجات ملندي. گورنيمنٽ ڪاليج ويمن يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هونهار نياڻين سان ملي خوشي ٿي آ??ي، خواجه آصف سان منهنجي رقابت گورنمينٽ ڪاليج جي شاگردي واري دور کا?? آ??ي، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي انهن جي قابليتن جو اعتراف آ??ي، هي ڪو احسان ناهي ميرٽ تي اوهان کي هي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪا به علائقائي يا سفارش کي نظر ۾ نه رکيو ويو آ??ي، هن پاليسي تي عمل پيرا ٿي پاڪستان کي عظيم قوم بڻايو ويندو، دنيا انهي پاليسي تحت عروج حاصل ڪيو. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 2011ع ۾ شروع ڪيو ۽ ميرٽ تي پنجاب کا?? علاوه ٻين صوبن جي شاگردن کي پڻ ليپ ٽاپ ڏنا ويا. پنجاب جي وڏي وزير طور ٻين صوبن لاءِ به سوچيو ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح پاڪستان ترقي ڪري سگهيو ٿي، هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 23-2022ع جو ا??ي، هلندڙ مالي سال هڪ لک وڌيڪ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آ??ي، اسان خوراڪ، دوائن ۽ پيٽروليم گهرائڻ جي اجازت ڏني، هي اسان جون ترجيحات هيون، ان کا?? علاوه ايترا چئلينج هئا جو انڊسٽري سميت ٻيو ضروري شيون گهرائڻ ۾ مشڪلاتون هيون جڏهن ته اها خبر هئي ته شاگردن کي گهربل سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، انهي لاءِ 45 ملين ڊالر مهيا ڪري اهي ليپ ٽاپ گهرايا ويا، اسان پنهنجي شاگردن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ چاهيون ٿا ته کين وظيفن سميت سموريون سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون. اسان پاڪستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو آ??ي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هن سال جي بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪا به قوم عورتن جي ڀرپور حصي کا?? سواءِ ترقي نٿي ڪري سگ??ي، انهي لاءِ عورتن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون، دنيا ۾ عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ شامل آهن. هن چيو ته اسان جي حڪومت ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪندي، آئينده جيڪا به حڪومت ايندي اها تعليم جي رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچڻ ڏئي، جيڪڏهن نواز شريف جي قيادت ۾ اسان کي موقعو مليو ته قوم سان اهو واعدو آهي ته تعليم جي ميدان ۾ 2011ع ۾ جيڪو انقلاب شروع ڪيو هو ان کي پڄاڻي ??ي پهچائينداسين ۽ هر شاگرد کي ليپ ٽاپ ڏينداسين. مسلما?? معياري تعليمي ادارا نه هئڻ سبب تعليمي ميدان ۾ پٺتي رهجي ويا. مسلمان پنهنجي علم عيوض ماضي ۾ دنيا تي حاوي هئا، تعليم ۾ ترقي جو راز لڪيل آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان اسا?? معاهدو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو جنهن سبب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرض نه وٺڻا پوندا، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل سميت هر شعبي ۾ ترقي لاءِ بنيادي شرط محنت آ??ي، وزيراعظم ان موقعي تي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.