اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پ??ري??ن ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پ??ري??ن ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل ??ور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ث??افت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.