اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان??ورنس ڪمپني کي بيواهه کي 3 لک جو ان??ورنس ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسٽيٽ لائيف ان??ورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪمپني بيواهه کي لائيف ان??ورنس ڪليم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اسٽيٽ لائيف موقف اختيار ??يو ته فوتي جي موت رستي حادثي سان سڌوسنئون نه پر مرگهي جي ڪري ٿي. صدر اسٽيٽ لائيف جو موقف رد ڪري ڇڏيو ۽ وفاقي محتسب جا حڪم برقرار رکندي چيو ته اسٽيٽ لائيف مناسب قاعدا ضابطا اختيار ڪئي ۽ بدانتظامي کي روڪي. صدر چيو ته ڪو ثبوت پيش نه ??يو ويو ته فوتي جو موت مرگهي سان سڌوسنئون ٿيو، محتسب بجا طور تي فيصلو ??يو ته رڳو پوليس روزنامچي تي دارومدار ??يو ويو. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف جي فيلڊ آفيسر جي رپورٽ ۾ فوتي پاليسي هولڊر کي صحتمند قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو ويو آهي ته آفيسر فوتي پاليسي هولڊر کي گذريل ٻن سالن کان سڃاڻيندو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيئن ته بدانتظامي ثابت ٿي ان لاءِ اسٽيٽ لائيف 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادا ڪري. واضح رهي ته ريحانه بي بي (شڪايت ڪندڙ) جي فوتي مڙس اڪرم مسيح 20 سالن جي لاءِ 3 لک رپين جي لائيف ان??ورنس پاليسي حاصل ڪئي، اڪرم مسيح جو موت رستي حادثي ۾ ٿيو، موت کانپوءِ زال ان??ورنس جي دعويٰ ڪئي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ??يو جنهن ان جي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. اسٽيٽ لائيف محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جڏهن ته صدر حقيقتن کي نظر ۾ رکندي اسٽيٽ لائيف ان??ورنس جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو آهي.