اسلام آب??د ?? 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي و??و آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪيا جنهن تي پنهنجي و??ٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي وڃي ته فتح جو جشن ۽ هارائي وڃي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو ۽ الزام. عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي و??و آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اها وڏي ڪاميابي آهي جنهن جو عمران خان اعتراف ڪري ??رتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي و??ٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي و??ندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، ن??ريه ضرورت نه.