اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪس??ان ۽ قاز??ست??ن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولڻا پوندا، قاز??ست??ن جي سيڙپڪارن کي پ??ڪس??ان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ س??ول??ون فراهم ڪيون وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قاز??ست??ن ۾ پ??ڪس??ان جي نامزد سفير نعمان بشير ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ قاز??ست??ن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي صلاحيت موجوده سطح کان وڌيڪ آهي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان قاز??ست??ن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. قاز??ست??ن جي سيڙپڪارن کي پ??ڪس??ان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ وڌ کان وڌ س??ول??ون فراهم ڪيون وڃن. زراعت ۽ زرعي مصنوعات جي شعبن ۾ واپار جي صلاحيت کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. صدر چيو ته پ??ڪس??ان وچ ايشيائي ملڪن سان پائيدار ۽ بامعنيٰ لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وچ ايشيائي ملڪن سان رابطا وڌائڻ پ??ڪس??ان جي خطي پاران پاليسي جو اهم حصو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي قاز??ست??ن سان عوامي لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ جوائنٽ ڊگريون ۽ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان جي ورچوئل يونيورسٽي آن لائين تعليم جي س??ول?? فراهم ڪري ٿي. قاز??ست??ن جا شاگرد ورچوئل يونيورسٽي جي آن لائين تعليم جي س??ول?? مان فائدو کڻي سگهن ٿا. 8 هزار جي لڳ ڀڳ غيرملڪي شاگرد يونيورسٽي جي ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي رهيا آهن. صدر چيو ته نامزد سفير ٻوڏ دوران پ??ڪس??ان جي امداد تي قاز??ست??ن جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورا مڃي ٿو. نامزد سفير ڀارت جي مسلمانن ۽ اقليت مخالف پاليسين تي به آواز اُٿاري. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪري.