اسلام آباد ??? 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا سان پاڪستان جي تاريخي لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا جي صدر ڊاڪٽر وليم روٽو کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آفريقا سان لا??اپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم تعاون جي سمورن شعبن ۾ ڪينيا سان پنهنجي تاريخي لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪي??. ڳ??لهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪينيا ۾ قتل ٿيندڙ ناليواري پاڪستاني صحافي مرحوم ارشد شريف جو معاملو اٿاري??. و??يراعظم پاڪستاني جاچ ٽيمن کي هيستائين فراهم ڪيل تعاون تي ڪينيا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان مرحوم ارشد شريف جي ڪيس کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿ??. و??يراعظم ڪينيا پاران جاچ دوران وڌيڪ تعاون جي درخواست ڪئي. ڪينيا جي صدر وزيراعظم کي ان معاملي ۾ مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو.