اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ضياءَ ??حي الدين جي لاڏا??ي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ضياءَ ??حي الدين جي لاڏا??ي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فن، ادب، پرفارمنگ آرٽ، فنڪاري، هداي??ڪا??ي جي شعبي ۾ مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر چيو ته ضياءَ ??حي الدين جو لاڏاڻو منهنجي لاءِ هڪ ذاتي نقصان آهي. فن، اداڪاري، پيشڪش، هداي??ڪا??ي جي شعبي ۾ ضياءَ ??حي الدين هڪ وڏي شخصيت هو، هو نثر ۽ شاعري جو بهترين قاري هو ۽ موسيقي جي انداز ۾ پڙهندو هو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فن جي شعبي ۽ ان جي گهرڀاتين کي اهو ڏک صبر سان برداشت ڪرڻ جي همت عطا فرمائي. صدر مرحوم جي درجن جي بلندي جي دعا، فن جي شعبي ۾ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.