لاهور – 27 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيو??سٽ??ن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي قومي ۽ معتبر عالمي يونيو??سٽ??ن سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪندي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻن، تعلي?? يافته ۽ هنرمند ??فر??دي قوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي تعليمي ذريعي سان گڏوگڏ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي پڻ استعمال ۾ آڻڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور يونيو??سٽ?? آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي دوري دوران ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. لمز جي پرو چانسلر عبدالرزاق دائود، ريڪٽر شاهد حسين، وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارشد احمد، بورڊ آف ٽ??سٽ??ز ۽ ايڊوائيزري بورڊ جي ميمبرن ۽ يونيو??سٽ?? جي سينيئر قيادت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر يونيو??سٽ??ن ۽ اعليٰ تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته اهي قومي ۽ ناليوارين ۽ معتبر عالمي يونيو??سٽ??ن سان بامعنيٰ ۽ عملي رابطو قائم ڪن، يونيو??سٽ??ن کي هڪ ٻئي جي بهترين طرز عمل، تجربن ۽ تحقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪي يونيو??سٽ??ن کي تعليم، تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ مسلسل ٿيندڙ اڳڀرائين سان هم آهنگ رهڻو پوندو جڏهن ته پاليسي ۽ فيصلاسازن، ريگيوليٽري ادارن ۽ بيوروڪريسي کي جدت ۽ ترقي جي خلاف پنهنجي روايتي مزاحمت تي ضابطو آڻڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان کي جديد ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ وقت سر فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي مقرر وقت تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، يونيو??سٽ??ون نئين ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي نصاب سان ڳنڍين، هنرمند معياري گريجوئيٽس تيار ڪن جيڪي جديد دنيا جي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي قابل هجن. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ايجادن ۽ بهتري علم ۽ معلومات جي رواني پيدا ڪئي جڏهن ته معلومات ۾ اضافي سان ياد ڪرڻ ۽ روايتي انداز ۾ رٽو لڳائڻ جي ضرورت ختم ٿي وئي آهي، يونيو??سٽ??ون پنهنجي شاگردن ۾ معلومات جي بنياد تي درست فيصلاسازي، تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ جي مهارت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن چيو ته يونيو??سٽ??ون روايتي تعليم ذريعي کانسواءِ هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي طريقيڪار کي استعمال ڪن ته جيئن تعلي?? يافته ۽ هنرمند ??فر??دي قوت ۾ اضافو ٿي سگهي، اهڙي طرح يونيو??سٽ??ن ۾ داخلائن جي خواهشمند شاگردن کي وڌ کان وڌ انگ ۾ داخلا ڏيڻ جي لاءِ يونيو??سٽ??ن جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم آسان ۽ سستي آهي، ان کي آساني سان توسيع ڏئي سگهجي ٿي، آن لائين ۽ هائبرڊ تعليم فارغ ٿيندڙ شاگردن جي معيار ۽ مهارت تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ ڪامياب آهي. صدر عارف علوي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان برين ڊرين جي ڪري معياري انساني وسيلن کان محروم ٿيو آهي. هن يونيو??سٽ??ن تي زور ڏنو ته اعليٰ تعليمي يافته ۽ قابل ??فر??دي قوت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ طريقيڪار ۽ ذريعا جوڙين. بعد ۾ صدر کي لمز جي قيادت اسٽريٽجڪ ترجيحن، اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ مسئلن ۽ معياري تعليم جي فراهمي ۾ لمز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مختلف علائقن مان هيستائين 17000 کان وڌيڪ شاگرد يونيو??سٽ?? مان گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. لمز آن لائين ڪورس جي مواد جي ڪاٿي کي 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، يونيو??سٽ?? ملڪ ۾ پاليسي سازي خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. صدر کي ٻڌايو ويو ته لمز يونيو??سٽ?? ملڪ کي درپيش سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ صنعت سان گڏجي سرگرم عمل آهي. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعلي?? يافته ۽ هنرمند ??فر??دي قوت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ لمز جي ڪردار کي ساراهيو.