اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا ۾ رهند?? پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کي پيش ڪرڻ، پاڪستان جي ثقافتي ۽ سماجي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ عالمي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ پاڪستان پاران ڏنل قربانين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ۽ اجتماعي طور تي ڪوشش ڪن، پاڪستان جي 40 سالن کان 40 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني سان گڏوگڏ ??ندستاني قابض فوج پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلم پڻ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خ??ال?? جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلپنگ هارٽس، ڪيئرنگ سولز ۽ اي پي پي اي سي (ايپڪ) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چي?? ته ٻاه??ئي?? ملڪ رهند?? پاڪستانين جي تنظيمن کي گهرجي ته اهي پنهنجي ميزبان ملڪن جي سياستدانن، عوامي راءِ ٺاهيندڙن ۽ ميڊيا سان مڪمل اعتماد ۽ فخر سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اليڪٽرانڪ ذريعن ۽ آءِ تي ٻڌل سهولتن مان فائدو کڻن ته جيئن قومي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي قابل قبول بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان ۽ ان جي عوام بابت مثبت راءِ کي فروغ ڏئي سگهجي. صدر چي?? ته پاڪستان وٽ فعال ۽ محنتي انساني وسيلا آهن، اهو سمورن معاملن، چئلينجز ۽ وسيلن کي ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر جي جمهوري طريقن سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن وڌيڪ چي?? ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ وانگر ان جا به پنهنجا مسئلا آهن، تنهن ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي معذرت وارو انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن چي?? ته پاڪستان 40 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي وسيلن سان 40 ملين افغان پناهگيرن جي بي مثال مهمان نوازي ڪئي. ان جي ابتڙ اولهه جي ملڪن ٻاه??ئي?? ملڪ رهندڙن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا ۽ يوڪرين جي پناهگيرن کي قبول ڪرڻ ۾ واضح امتيازي سلوڪ جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ٻين ملڪن جي پناهگيرن کي بي دلي سان سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويو. صدر چي?? ته جيڪي ملڪ اسان کي اخلاقيات جو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن کي پنهنجي طرز عمل تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چي?? ته پاڪستان ٻاه??ئي?? ملڪ منتقل ٿيند?? پاڪستانين کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪيا آهن ۽ انهن جي ٻين ملڪن طرف هجرت جي ڪري ان کي برين ڊرين جو نتيجو ڀوڳڻو پيو آهي. هن ٻاه??ئي?? ملڪ رهند?? پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي دانش، علم ۽ مهارت جي مختلف طريقن جي ذريعي پاڪستان منتقل ڪري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي بچت ۽ مٽاسٽا جي ناڻي کي مناسب بئنڪنگ چي??لز جي ذريعي موڪلڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.