اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن کي و??اثت ک??ن محروم رکندڙ غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ سمورن حصيدارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ صدر چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ڪير اسلامي قانون وراثت جي خلاف ورزي نه ڪري جهڙي نموني قرآن ۽ سنت ۽ اسان جي آئين ۾ لکيل آهي. هن چيو ته ان غلط روايتي ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ عورتون وراثت ک??ن محروم رهن، عالم سڳورن، عدليه ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي مون سان گڏجي هي جنگ وڙهن. صدر عارف علوي عورتن کي و??اثت ۾ حصو ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ فيصلي جا تفصيل به شيئر ڪيا جنهن موجب صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران 4 ڀينرن کي و??اثتي جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جي حڪمن کي برقرار رکندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته وراثتي جائيداد جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم سمورن ڀينرن ڀائرن ۾ حصي موجب ورڇ ڪئي وڃي. واضح رهي ته چار ڀينرن هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي هئي ته سندن ڀائرن فوتي و??لد جي جائيداد ۾ انهن جي و??اثتي حق ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ درخواست ڪئي هئي ته انهن جو حصو انهن کي ڏياريو وڃي.