اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي تازي سربراهه اجلاس کي موسمياتي ??بديلي سان ملڪ ۾ ايندڙ تباهي آڻين??ڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، ٻوڏ کان متاثر ??لا??قن جي صورتحال، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري پاڪستان کي ماحولياتي ??بديلين جي اثرن خاص طور تي پاڪستان ۾ ان سان ايندڙ تباهي آڻين??ڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هن چيو ته سربراهه اجلاس وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه، گڏيل ڳڻتي ??ي ٻطرفي ۽ ??لا??قائي مسئلن تي ??يالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، سعودي عرب جي ولي عهد ۽ جرمن چانسلر سان پڻ ملاقاتون ڪيون جڏهن ته هن بحرين ۽ ڪويت جي ولي عهد، ايسٽونيا، تاجڪستان، عرا??، گڏيل عرب امارات ۽ يورپي ڪائونسل جي صدرن سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان دوران بيلجيئم، هالينڊ، ناروي، اسپين، لبنان جي وزيراعظمن ۽ انڊونيشيا جي نائب صدر سان گڏوگڏ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. شرم الشيخ ۾ ”ڪوپ 27“ جي سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير، موسمياتي ??بديلي واري وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير شرڪت ڪئي.