اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو آهي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تائين توسيع جي آڇ ڪئي هئي، ان سان اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن جو هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ٻارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کان محفوظ رکن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ب??ان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان توهان ڪرپشن نه ڪئي، چار سال ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف ??ڃڻ کان ڇهه مهينا اڳ بچي ويو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي ب??تر نه پر صرف ??وج ۾ بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف مهم هلائي سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ??يو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله ڏوهاري هئا ته توهان چار سال ۾ ثابت ڪري ڇڏيو ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اق??دا?? ۾ ايندي ئي پنهنجن ويجهن ماڻهن کان اکيون ڦيري ڇڏيون، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کان نه پر پنهنجي اندر جي فتني جو خوف هو. هن چيو ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سال ٿينديون.