اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن ??ي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ??ه هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن ش??ڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ??دا ڪري، ڪشميري عوام 75 سالن ??ان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان ش??وع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت ??ان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هن ??المي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان نظرون نه هٽائي.