اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل س??زو??ري ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ 3 ڪروڙ 32 لک جا جدا جدا چيڪ پيش ڪيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير وزيراعظم کي وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ جاري سڌارن تي تف??يل?? بريفنگ ڏني. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ جي لاءِ ڪراچي انٽرنيش??ل ڪنٽينر ٽرمينل لميٽيڊ پاران هڪ ڪروڙ 16 لک، سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز پ??ران هڪ ڪروڙ 16 لک ۽ سي اي او ڪنگز گروپ پاران هڪ ڪروڙ رپيا عطيي جا چيڪ پيش ڪيا.