اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هرنائي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ 6 آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آه??. و??يراعظم شهيد ميجر خرم شهزاد، ميجر منيب افضل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي محمد عمران خان، نائب جليل ۽ سپاهي شعيب جي گهروارن سان تعزيت ڪئ??. و??يراعظم چيو ته ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪستاني فوج بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، اهي قربانيون ناقابل فراموش آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ گهروارن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.