اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير??عظ?? شهباز شريف پارٽي جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزير??عظ?? جي صدارت ۾ اجلاس اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي ٿيندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير??عظ?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جو جائزو وٺندو. ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي قدمن، شڪايتن ۽ دادرسيءَ بهتر بڻائڻ تي مشاورت ٿيندي. هن چيو ته وزير??عظ?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي ٻوڏ متاثرين جي ريليف جي ڪمن ۾ هٿ ونڊرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. وزير??عظ?? قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي پارٽي ميمبرن کي تڪ وارن امدادي ڪمن تي مامور ڪندو. اجلاس جو مقصد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي ڪارروائي ۾ تڪن جي سطح تي حصيداري عمل کي بهتر بڻائڻ آهي.