اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان روڪ بال فيڊريشن جي اهتمام هيٺ سڄي ملڪ ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي مو??عي تي روڪ بال جا نمائشي مقابلا 14 آگسٽ تي ٿيندا. پاڪستان روڪ بال فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل امه ليليٰ ڪلثوم ٻڌايو ته ايونٽ جي تياري زور شور سان جاري آهي، ا?? سلسلي ۾ واڳيل ادارا صوبائي ۽ ر??جنل ايسوسيئيشنز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان روڪ بال فيڊريشن هر سال آزادي جي ڏهاڙي جي مو??عي تي 14 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ نمائشي مئچون ڪرائيندي رهي آهي.